شادي خان کيڙو مقام

شادي خان کيڙو مقام

شادي خان کيڙو مقام

شادي خان کيڙو (مقام): دادو تعلقي جي ڳوٺ ڦلجيءَ کان ڪلوميٽر پري، ڏاوڇ مائينر جي اتر ڪناري لڳ ۽ ڏاوچ بند سان لڳندڙ روڊ جي اولهه طرف هڪ فرلانگ پنڌ تي موجود علي شير مقام کان اُُتر طرف هڪ ڪلوميٽر جي پنڌ تي 33 '50 26 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 07 '49 67 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي واقع آهي. اڻويهين صديءَ جي هن قبرستان جي ڪُل ايراضي ٻه ايڪڙ آهي، جنهن ۾ بيشمار ڪچيون ۽ پڪ سريون قبرون موجود آهن. مقام اندر هڪ مستطيل ڪمرو اڏيل آهي، جيڪو شايد شادي خان جو مقبرو يا اوتارو آهي. ڪمري جي بناوٽ نهايت سادي ۽ پڪين سرن جي ٿيل آهي. پاسي واري ديوار تي هوا ۽ روشنيءَ جي لنگهه لاءِ هڪ قطار ۾ سيمينٽ جون ٽي ڄاريون نصب ٿيل آهن. ڇت چؤنڪن جي آهي، جنهن مٿان ڪو به گنبذ اڏيل ناهي. ڄاريدار ديوار مٿان برساتي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ نيسارو پڻ لڳل آهي. هن مقام ۾ وڻن ۽ ٻوٽن جو ججهو تعداد آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو